چئني صوبن ۾ ننڍي چونڊن ۾ پي ڊي ايم جماعتن جي ڪاميابي حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم آهي:ناصر شاهه

February 21, 2021 at 8:47 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چئني صوبن ۾ننڍي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جماعتن کي واضح اڪثريت حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم آهي. پي ٽي آءِ حڪمرانن جي نا اهلي ۽ نا لائقي ۽ اقربا پروري عوام جو جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست خان صاحب لاءِ خاموش پيغام آهي ته هو هاڻي گهر وڃن. هڪ بيان ۾ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا ”شيرو“ سمورو ڏينهن امن و امان خراب ڪري عوام کي پولنگ اسٽيشن اچڻ کان روڪيندو رهيا. صوبائي حڪومتون پڻ ”يوٿين“ اڳيان بي وس نظر آيون. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته انشاءَ الله مارچ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ عوام کي سليڪٽيڊ حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريندا سين. هن چيو ته سنڌ ۾ پوليس با اختيار ۽ آزاد آهي. جيڪڏهن ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي  ڪئي ته انهن کي ڀوڳڻو ئي پوندو. اسان پي ٽي آءِ  حڪمرانن جيان نه آهيون جو ادارن کي اپوزيشن جي خلاف استعمال ڪريون. پيپلز پارٽي هميشه ادارن جو احترام ڪيو آهي. هن چيو ته  وفاق نيب ۽ ٻين ادارن کي اپوزيشن جي خلاف استعمال ڪيو. خان صاحب ۽ ان جو حليم عادل لڳاتار بدزباني ڪري چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ وزيراعليٰ سنڌ تي بي بنياد الزام مڙهيندو رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن قيادت نه روڪي ها ته جيالا جواب ڏيڻ ڄاڻين ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حليم عادل کي روزانو ميڊيا تي اچي بدزباني ڪرڻي هوندي آهي. جيل ۾ هجڻ ڪري هن جي پيٽ ۾ مروڙ پيو هوندو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته تعميري سوچ ۽ سياست پي ٽي آئي وارن جي ويجهڙائي کان ناهي گذري. سنڌ حڪومت پنهنجي ذميوارين کان چڱي نموني واقف آهي. اسان جوسمورو ڌيان عوام جي خدمت تي آهي.   

اي پيپر