سنڌ حڪومت جي تازين ڪارروائين ۾ انتقام نظر اچي رهيو آهي:اسد عمر

February 21, 2021 at 8:46 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان طرفان سينيٽ چونڊن ۾ اُميدوارن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق، بهادرآباد ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ وفد جي متحده پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات، پي ٽي آءِ اُميدوار حفيظ شيخ به موجود هو، ملاقات بعد متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان سينيٽ چونڊن سوڌو سنڌ جي مسئلن تي ڳالهيون ٿيون، آدمشماري جي تڪراري نتيجن تي به ٻيهر آواز اٿاريو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي تازين ڪارروائين ۾ انتقام نظر اچي رهيو آهي، حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، هن معاملي کي حل ڪنداسين ۽ آئيني حدن ۾ رهي قدم کنيا ويندا.

اي پيپر