هي ڌُنڌ آهي، هي ڊسڪه آهي ۽ هي عمران خان جي چوري پڪڙجي پئي:مريم نواز

February 21, 2021 at 8:43 pm

ڊسڪه (ڊيسڪ رپورٽ) هي ڌُنڌ آهي، هي ڊسڪه آهي ۽ هي عمران خان جي چوري پڪڙجي پئي، ڌُنڌ ۾ ڪهڙي مخلوق آئي جنهن 90 سيڪڙو ووٽ داخل ڪري ڇڏيو، ڌُنڌ ۾ 90 سيڪڙو عوام ڪٿان نڪري آيو؟ اهو ڪم ڌنڌ ۾ نظر ايندڙ مخلوق ۽ جنن جو ڪم ٿي سگهي ٿو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز طرفان اليڪشن ڪميشڻ کان ووٽ چورن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو، مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊن دوران ووٽ چوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته قومي اداري جي عملي کي ئي چوري ڪري ڇڏيو، چوري ٿيل عملو 14 ڪلاڪن کانپوءِ منهن لڙڪائي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، اليڪشن ڪميشن جو عملو الائي ڪٿان بازياب ٿيو، پرزائيڊنگ آفيسر جواب نه ڏئي سگهيا ته کين ڪير ۽ ڪٿي کنڀي ويو، حڪومتي ترجمانن بلنڊر کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڌنڌ جو بهانو ڪيو، سيالڪوٽ جي انتظاميا، پوليس، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري، پنجاب جو وڏو وزير ۽ حڪومت اڃا تائين گُم آهي، اها ڪهڙي ڌُنڌ آهي جو اُهي اڃا تائين گُم آهن، عمران خان جي مهرباني جو دُنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته 2018ع ۾ ووٽ ڪيئن چوري ٿيو، هاڻي ڊسڪه ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ ٿي ته عوام تبديلي کي دفنائي ڇڏيندو، انشاءَ الله عام چونڊون به جلد ٿينديون.

اي پيپر