ڊسڪه چونڊ جي جاچ جاري آهي، اڱاري تائين حقيقتون سامهون اچي وينديون: شبلي فراز

February 21, 2021 at 8:42 pm

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ ڌانڌلي ۽ تشدد جي سياست تي يقين رکي ٿي.اليڪشن ڪميشن ڊسڪه چونڊ جي جاچ ڪري رهيو آهي اڱاري تائين حقيقتون سامهون اچي وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم نواز  جي ماضي جي ڪوڙن ۽ گمراهه ڪندڙ بيانن جو ڪوبه ثاني نه آهي. (ن) ليگ ماضي ۾ چونڊون کٽڻ لاءِ دهونس، پئسا، ڌمڪين سميت هر طريقو استعمال ڪندي رهي آهي.اپوزيشن جو مسئلو اهو آهي ته جيڪي چونڊون هنن کٽيون اهي صحيح ۽ جيڪي هارايون اها ڌانڌلي آهي. جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي هجي ها ته تحريڪ انصاف ضمني چونڊن ۾ سمورين سيِٽن تان ڪامياب ٿئي ها.

اي پيپر