سنڌ، وفاق کان تيل ۽ گئس آمدني مان حصو گهري ورتو

February 19, 2021 at 7:00 am

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي مراد علي شاهه وفاق کان تيل ۽ گئس جي مد ۾ وڌيڪ رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق سنڌ کي گهٽ رقم ادا ڪري رهيو آهي،30تاريخ تي سوچڻو پوندو آهي ته پگهار ڪٿان ادا ڪيون، هن چيو ته سنڌ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ تيل ۽ گئس وڌيڪ پيدا ڪري ٿو،تيل ۽ گئس جي مد ۾ اسان کي پئسا ڏنا وڃن،اين ايف سي تيل ۽ گئس جي آمدني مان حصو گهريو آهي،قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس بهتر ماحول ۾ ٿيو، وفاق ٻن سالن کان اين ايف سي مان سنڌ کي گهٽ رقم ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ اسان پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن.سنڌ ۾ وفاق پاران واعدي موجب پئسا نه ملڻ سبب ترقياتي منصوبا گهٽ ٿين ٿا.

اي پيپر