افسوس پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ميثاق جمهوريت معاهدي تان ڦِري ويون: سپريم ڪورٽ

February 19, 2021 at 6:12 am

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته افسوس آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ميثاق جمهوريت معاهدي تان ڦِري ويون.هن چيو ته معاهدو ووٽ جي ڳجهي طريقيڪار کي ختم ڪرڻ هو پر هاڻ سياسي پارٽيون ان تي عمل نه پيون ڪن.سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد جي دليلن سان اتفاق ڪندي چيو ته اسيمبلي ميمبر پارٽي جي نظم و ضبط جي پابند آهن، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.چيف جسٽس جي پڇاڻي تي اٽارني جنرل چيو ته نااهلي جي سزا ووٽن جي وڪري ۽ خريداري تي ٿي سگهي ٿي، پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڏيڻ تي نه.ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جا دليل مڪلم ٿيڻ کان پوءِ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلطان طالب الدين دليلن ۾ چيو ته هارس ٽريڊنگ جو سڀني ٻڌو آهي، شاهديون ڪنهن وٽ به ناهن، عدالت کي سياسي سوالن کان پري رهڻ گهرجي.ان تي چيف جسٽش ريمارڪس ڏنا ته آئين هڪ سياسي دستاويز آهي، آئيني تشريح ڪندي وقت عدالت سياسي ڪم پئي ڪندي آهي.ان تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اوپن بيلٽ سان هارس ٽريڊنگ ختم ٿيڻ جو ڪو به ثبوت ناهي. چيف جسٽس چيو ته اوپن بيلٽ سان هارس ٽريڊنگ ختم ٿيندي يا نه ڪجهه نٿا چئي سگهون، افسوس آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پنهنجي ئي معاهدي تان ڦِري ويون، ميثاق جمهوريت ۾ ڳجهي طريقيڪار کي ختم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو پر ٻئي پارٽيون هاڻ ان تي عمل نه پيون ڪن.ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ اليڪشن ڪميشن جي ترميم جي موقف جي تائيد ڪندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ ترميم کان سواءِ وفاقي حڪومت جي خواهش پوري نٿي ٿي سگهي.ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد به اٽارني جنرل آف پاڪستان جي دليلن جي تائيد ڪئي.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته آرٽيڪل 63 اي سينيٽ چونڊن تي لاڳو نٿو ٿئي، آرٽيڪل 59 ۾ ڳجهي ووٽنگ جو ڪو به ذڪر ناهي.ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ دليل ڏيندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته عدالت پاڻ کي سياست کان مٿانهون رکي، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ڏيو، سپريم ڪورٽ جو دائرو ايڊوائزري آهي، عدالت رڳو کنيل سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿي.ريفرنس تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

اي پيپر