ملڪي تاريخ ۾ ريڪارڊ 6 هزار ارب رپين جا قرض واپس ڪري چڪا آهيون: وزيراعظم

February 19, 2021 at 6:46 am

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان پاڪستان جي تاريخ جا ريڪارڊ قرض واپس ڪيا ۽ گڏيل طور تي 6 هزار ارب رپيا قرض جي قسطن جي مد ۾ ڏنا آهن.روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ۾اچڻ کان پوءِ سڀ کان وڏو مسئلو مالي خسارو هو، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر ملڪ جي ڪرنسي تي پوندو آهي، ڪرنسي ڪِرندي آهي ته سڀ کان وڌيڪ بار غريب تي پوندو آهي، غريب عوام ۽ پگهار طبقي کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اسان پاڪستان جي تاريخ جا ريڪارڊ قرض واپس ڪيا، اڍائي سالن ۾ 20 ارب ڊالر واپس ڪري چڪا آهيون، يعني هن وقت 6 هزار ارب رپيا قرضن جي قسطن جي مد ۾  ڏئي چڪا آهيون، اڄ تائين ڪنهن حڪومت ايترو قرض واپس ناهي ڪيو.عمران خان چيو ته بهتر قدمن سبب هاڻ اسان جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ڪورونا جي دور ۾ به اسان جي برآمدات ۾ ريڪارڊ واڌ ٿي آهي، جيستائين رپيو مضبوط نه ٿيندو، معيشت مضبوط نه ٿيندي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو وڏو اثاثو آهن، شوڪت خانم جي لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ته سڀ کان وڌيڪ اووسيز پاڪستانين حصو ورتو، ملڪ جي معيشت مثبت رخ ڏانهن وڃي رهي آهي، ٽيڪسٽائل جي صنعت بحال ٿي آهي ۽ ماڻهون نيون فيڪٽريون پيا هڻن.

اي پيپر