اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جو لانگ مارچ به جلسن جيان خراب طريقي سان ناڪام ٿيندو.وزيراعظم جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ترجمانن کي حڪومتي فيصلن ۽ ڪفايت شعاري تي بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ڏکين حالتن ۾ حڪومت انهن سان گڏ آ، وزيراعظم هائوس جو خرچ 49 سيڪڙو گهٽ ڪيو ويو آهي، اسان جي دور ۾ وزيراعظم آفيس جو خرچ 506 ملين مان 243 ملين ڪيو ويو.هن چيو ته اڄ سمورا معاشي انگ اکر بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهن، وڏي عرصي کانپوءِ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ واضح واڌ ٿي رهي آهي، اسان اپوزيشن جو اڳ دٻاءُ ورتو ۽ نه وٺنداسين، لانگ مارچ به جلسن جيان خراب طريقي سان ناڪام ٿيندو.سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ سولائي سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين، اسان بهترين اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، ارب پتي ماڻهن کي سينيٽ ٽڪيٽ ڏيڻ جي روايت ٽوڙي ڇڏي سين، پارليامينٽ ميمبر خدشن باوجود پارٽي سان گڏ بيٺا آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي شڪايتن جو ازالو ڪنداسين.