سعيد غني جو حليم عادل تي فائرنگ جو الزام، اليڪشن ڪميشن کان ڪارروائي جو مطالبو

February 16, 2021 at 8:00 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي پي ايس 88 ملير ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران هٿياربند ماڻهن سان گڏ تڪ ۾ گشت، هوائي فائرنگ ۽ هٿيارن جي نمائش جو الزام هنيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اپوزيشن ليڊر پنهنجي هٿياربند ماڻهن سان گڏ پولنگ اسٽيشن ۾ وڃي رهيو هو، جوکيو ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ به ڪئي وئي، پريزائيڊنگ آفيسر کي گهرجي ته هو پنهنجي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي.هن چيو فائرنگ ڪندڙن جون ويڊيوز آهن، گولين جا خول به موجود آهن، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته ڪارروائي ڪري، پارٽي عهديدارن ايف آءِ آر لاءِ ٿاڻي ۾ درخواست ڏني آهي.سندس چوڻ هو ته اسان چونڊون پرامن ماحول ۾ چاهيون، اليڪشن ڪميشن حليم عادل شيخ کي ڪڍڻ جا قدم دير سان کنيا، پولنگ اسٽيشن ۾ اسان جو ڪو هٿياربند شخص نه ويو، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن به پنهنجي ذميواري پوري ڪري.

اي پيپر