ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پي ايس 88 ملير ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ جي موقعي تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي تڪ پهچڻ تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي مبينا فائرنگ به ڪئي وئي.ڇڪتاڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن قانون لاڳو ڪندڙ کي حليم عادل شيخ کي تڪ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي پوليس کيس تڪ مان ٻاهر ڪڍي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب حليم عادل کي اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي باقاعدي طور حراست ۾ ورتو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ تي هنگامو ڪرڻ ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، کيس ايس ايس پي ملير جي آفيس ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان سان گڏ ٻيا اڳواڻ به موجود آهن.ڊي آءِ جي ايسٽ چيو آهي ته چونڊ تڪ ۾ فائرنگ ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هوڏانهن پ پ اڳواڻ سعيد غني الزام هنيو آهي ته پولنگ اسٽيشن تي خطرناڪ قسم جا هٿيار استعمال ڪيا ويا ۽ پي ٽي آءِ وارن تڪ ۾ فائرنگ ڪئي.