آصف زرداري ووٽ خريدڻ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي هن ڀيري ناڪام ٿيندو: شيخ رشيد

February 16, 2021 at 7:53 pm

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي نواز شريف واپس اچڻ چاهي ته کيس سفري دستاويز جاري ڪري سگهجي ٿو پر سندس پاسپورٽ ري نيو نه ٿيندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف کي پاڪستان نه اچڻو هجي ته اڄ رات 12 وڳي تائين ويزا جي ڪا آئيني حيثيت نه هوندي، سندس پاسپورٽ جي تجديد جو مدو اڄ رات 12 وڳي ختم ٿي رهيو آهي، کيس پاڪستان اچڻ کان نه پيو روڪيو وڃي، سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهجي ٿو.هن چيو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آهي ته نواز شريف پاڪستان واپس اچي، جڏهن ته جنهن جو نالو اي سي ايل ۾ هجي، ان کي پاسپورٽ جاري نٿو ڪري سگهجي، نواز شريف کي ايمرجنسي سفري دستاويز جاري ڪري سگهجي ٿو.سندس چوڻ هو ته نواز شريف عدالتي رعايت جو غلط استعمال ڪيو، جيڪڏهن هو واپس اچي ته 72 ڪلاڪ اڳ اجازت نامو حاصل ڪرڻو هوندو، مريم نواز به اي سي ايل تي آهي، هن سرجري جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪڏهن هوءَ درخواست نٿي ڪرڻ چاهي ته نه ڪري سٺي ڳالهه آهي.شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جو پاسپورٽ ري نيو نٿو ڪري سگهان، کيس واپسي جو سفري دستاويز جاري ڪري سگهان ٿو، بس ايترو اختيار آهي، اهو ڪهڙو سياستدان آهي جيڪو دوکو ڏئي ملڪ ڇڏي ويندو آهي.وفاقي گهرو وزير چيو ته آصف زرداري جي ووٽ خريداري ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل آهي پر کيس مايوسي ٿيندي، اسيمبلين تي لعنت وجهندڙ اسيمبلي کان ووٽ گهري رهيا آهن، نظام جي تباهي چاهيندڙ ماڻهن جي اها سڀ کان وڏي شڪست آهي، سينيٽ ۾ ڪو سرپرائز نه ٿيندو، عمران خان سينيٽ چونڊون کٽيندو.هن چيو ته پي ڊي ايم اسلام آباد لانگ مارچ جي فيصلي جي تاريخ تي نظرثاني ڪري، پي ڊي ايم ايترا فيصلا تبديل ڪيا آهن، لانگ مارچ جو فيصلو به رمضان کانپوءِ ڪري، اسان جيئن اليڪشن ڪميشن سامهون ڌرڻي جي اجازت ڏني اڳتي به ڏينداسين.

اي پيپر