وفاقي سرڪار ڪراچي لاءِ آئيني ذميوارين کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي:اسد عمر

February 14, 2021 at 6:49 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي لاءِ اهڙا ڪيترائي ئي منصوبا آهن، جن تي وفاق پنهنجي آئيني ذميواري کان وڌي اخلاقي ذميواري ادا ڪري رهيو آهي.گورنر هائوس ڪراچي ۾ چين کان گهرايل جديد فائر ٽينڊرز بلديه عظميٰ ڪراچي حوالي ڪرڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ڪراچي پاڪستان کي وسيلا فراهم ڪندڙ شهر آهي پر ان کي پنهنجو حق نه پيو ملي، پاڪستان ۾ سڌي ريت ٽيڪسن جي مد ۾ 40 سيڪڙو، جڏهن ته سنڌ جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڪراچي مان گڏ ٿيندو آهي، ڪي ايم سي وٽ گاڏين ۾ پيٽرول وجهرائڻ ۽ ملازمن کي پگهارن لاءِ پئسا ناهن.هن چيو ته جيڪو جنهن صوبي جو ذميوار آهي پنهنجي ذميواري پوري ڪري، ڪراچي لاءِ وفاق پنهنجي آئيني ذميواري کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ وفاقي حڪومتي پيڪيج ذريعي ڪم ڪرايا پيا وڃن، هلندڙ سال گرين لائن جي صورت ۾ ٽرانسپورٽ جي سهولت ملندي، گرين لائن بسن جي ڊليوري جون ۾ ٿي ويندي، جولاءِ يا آگسٽ ۾ گرين لائن بس هلڻ لڳندي.سندس چوڻ هو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي تي ڏهاڪن کان ڪم رُڪيل هو، ان کي تيزي سان اڳتي وڌائينداسين، ڪي فور منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ به وفاقي حڪومت ڪوششن ۾ آهي، اين ڊي ايم اي محمود آباد نالي تي عملي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اورنگي ٽائون ۽ ٻين نالن تان به حددخليون هٽائڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو. گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪي ايم سي وٽ پيٽرول ۽ ملازمن کي پگهار ڏيڻ لاءِ به پئسا نه آهن، ڪراچي جي ميئر کي لاچار بڻايو ويو، فائر ٽينڊرز واري منصوبي ۾ رينجرز کي به شامل ڪيو آهي، شهر ۾ رينجرز فائر ٽينڊرز جي مدد ڪندي.

اي پيپر