اوگرا جون تجويزن عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن:مرتضيٰ وهاب

February 14, 2021 at 6:48 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب پاران اوگرا جي عوام دشمن پاليسين تي بيان ڏيندي چيو آهي ته اوگرا جون تجويزن عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 16 روپيا پيٽروليم جي مصنوعات ۾ واڌ عوام جي مصيبت ۾ وجهڻ کانسواءِ  ٻيو ڪجهه ناهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت عوام جي جسم ۽ جان جو رشتو ختم ڪرڻ چاهن ٿيون. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سراسر عوام دشمن قدم آهي. ستم ته اهو آهي ته هر پندرهين ڏينهن پيٽرول جي قيمت وڌائي پئي وڃي. هن چيو ته نا اهل حڪومت ڏينهون ڏينهن مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جا ”شيرو“ چون ٿا ته مهانگائي ٿي وئي آهي ته ڇا ٿي پيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪپتان جي هينڊ سم ٿيڻ جي قيمت عوام چڪائي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي پر پي ٽي آءِ وارا چوندا آهن ته ڪپتان هينڊسم آهي ۽ مهانگائي جي بي قابو شرح عوام کي مجبور ڪري رهي آهي ته هينڊسم  جي حڪومت مان جان ڇڏائجي. هن چيو ته پيٽروليم جي مصنوعات کي مهانگو ڪرڻ سان عوام براه راست متاثر ٿي رهيو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته تحريڪ انصاف عوام کي ڏکن، پريشاني، مهانگائي، ظلم ۽ بربريت کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو.

اي پيپر