سرڪاري ملازمن تي ٿوري گهڻي ٽيئر گئس به ضروري هئي:شيخ رشيد

February 14, 2021 at 6:47 pm

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سرڪاري ملازمن تي ٿوري گهڻي ٽيئر گئس به ضروري هئي، ٽيئر گئس ڊگهي عرصي کان بيڪار پيل هئي، ٽيسٽ ڪرڻ لازمي هو، اڃا به کوڙ ساري ٽيئر گئس محفوظ رکيل آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هاڻي موسم تبديل ٿي ويو، مولانا فضل الرحمان لاءِ حلوي جي دعوت وارو بيان تبديل ڪريان ٿو، هاڻي کيس به مامرن تي سوچڻ گهرجي، سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ يا ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿين، وڪرو ٿيڻ وارو وڪرو ٿي ويندو آهي، اسان به گهڻن ماڻهن کي مڪي ۽ مديني جا سير ڪرايا، پوءِ به مخالفن کي ووٽ ڏنا ويا، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري منهنجي ڳالهه سمجهي رهيا آهن.

اي پيپر