ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جن ماڻهن کي سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏنيون آهن، جيڪڏهن اوپن ميرٽ ٿئي تڏهن به انهن جا ڪيترائي اسيمبلي ميمبر انهن کي ووٽ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گرومندر جي علائقي ۾ فلاحي تنظيم جی دسترخوان جي افتتاح بعد صحافين سان گفتگو ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني ڏٺو ته بلوچستان ۾ سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏئي ڪري واپس ورتي وئي. سينيٽ چونڊن متعلق جيڪو آرڊيننس آندو ويو آهي ان ۾ لکيل آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ اميدوار سينيٽ اليڪشن جي لاءِ اهل آهن ۽ کٽڻ کانپوءِ اهي شهريت ڇڏي سگهن ٿا. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نيتن ۾ فطور آهي، ھاڻي ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي چڪي آهي. هنن کي پنهنجي ماڻهن تي ئي اعتبار نه آهي ۽ وفاقي حڪومت کي خوف آهي ۽ پنهنجي ماڻهن تي ئي شڪ آهي. مونکي يقين آهي ته هنن پاران اهڙي قسم جي کنيل قدمن جي ڪري جيڪڏهن اوپن ميرٽ ٿئي تڏهن به ڪيترائي ماڻهو هنن جي چوڻ سان ووٽ ڪو نه ڏيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، هڪ طرف مهانگائي جو طوفان آهي ۽ ٻئي طرف بجلي، تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ هر روز اضافو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي گئس جهڙي بنيادي ضرورت کان محروم ڪيو ويو آهي. اسان گئس جي بحران تي اسيمبلين ۾ شديد تحفظات جو اظهار ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه وفاقي سطح تي ٿيل اجلاسن ۾ معاملو اٿاريو آهي. سنڌ سڀ کان وڌيڪ گيس جي پيداوار ڏيڻ وارو صوبو آهي، آئين موجب سنڌ کي گيس جو حصو ملڻ گهرجي