سينيٽ چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن پاران شيڊول جاري

February 11, 2021 at 6:27 pm

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن جي لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ 3 مارچ تي چونڊ ٿيندي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ 3 مارچ تي پولنگ ٿيندي، پولنگ جو عمل 3 مارچ جي صبح 9 کان وٺي شام 5 تائين جاري رهندو. اسلام آباد جي اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ظفر اقبال حسين، پنجاب جي لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر غلام اسرار خان، سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، خيبرپختونخواهه جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر محمد رزاق ريٽرننگ آفيسر هوندا.چونڊ شيڊول تحت اميدوار 12 ۽ 13 فيبروري تائين نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي فهرست 14 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، اميدوارن جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 15 ۽ 16 فيبروري تي ٿيندي، اميدوارن جا اعتراض 19 ۽ 20 فيبروري تي اُڪلايا ويندا، اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 21 فيبروري تي جاري ڪندو جڏهن ته سينيٽ چونڊن تان هٿ کڻندڙ اميدوار 22 فيبروري تائين ڪاغذ واپس وٺي سگهندا.

اي پيپر