سنڌ حڪومت صحافي برادري سان گڏ آهي، هر سطح تي مدد ڪنداسين: ناصر حسين شاهه

February 11, 2021 at 6:23 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحافي برادري سان گڏ بيٺي آهي، صحت تعليم ۽ روزگار جهڙن مسئلن ۾ صحافين جي هر سطح تي مدد ڪنداسين.ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته صحافين جي حقن لاءِ نئين قانون سازي ڪرڻ پيا وڃون، اسان صوبائي سظح تي جرنلسٽس پروٽيڪشن بل تيار ڪيو آهي جيڪو جلد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. صوبائي سطح تي ميڊيا هائوسز سان اسان طئي ڪيو آهي ته هنن کي اشتهارن جي مد ۾ ادائيگيون سڌو سنئيون ڪيون وينديون پر اِهي ادائيگيون قانوني مسئلن جي ڪري سگهياسين پر ميڊيا هائوسز کي خاطري ڪرايون ٿا ته ملازمن کي جلد پگهارون ڏنيون وينديون.سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي ڪانفرنس ۾ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي پيپلز پارٽي صحافين سان گڏ بيٺي آهي، وفاقي حڪومت قانون سازي نه پئي ڪري اسان صوبائي سطح تي پيا قانون سازي ڪيون، صوبي ۾ ليبر ڪورٽس ۽ ٻين معاملن تي به غور ڪري رهيا آهيون ۽ ايل ڊي اي سميت سڄي سنڌ ۾ صحافين جي رهائشي ڪالونين جي ترقياتي اسڪيمن تي ڪم ڪرايو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته جن صحافتي تنظيمن جي ڪارڪردگي آڊٽ رپورٽس جي بنياد تي هوندي اڳتي لاءِ انهن کي سنڌ حڪومت گرانٽس ڏيندي.

اي پيپر