مخالف ڌر استعيفيٰ ڇو نه ڏني، راز نٿو کولڻ چاهيان: شاهه محمود قريشي

February 4, 2021 at 8:37 pm

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر ميمبر ته استعيفيٰ ڏيڻ وارا هئا پوءِ راتو رات ڇا ٿيو؟ اِهو راز نٿو کولڻ چاهيان ٿو.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي هنگامي جي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مخالف ڌر تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ٻڌو آهي اڄ هڪ ويهڪ ٿيندي هڪ نئون اعلان ڪيو ويندو، ڪيو لانگ مارچ، قوم ڏسي رهي آهي ته جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ وارا ڪير آهن؟هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ اوپن بيلٽ تي هنگامي سان مخالف ڌر بي نقاب ٿي وئي، اڄوڪي رويي کان پوءِ مخالف ڌر کي هن بل تي ڳالهائڻ نه ڏينداسين.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت آئيني ترميم جي ذريعي سمنڊر پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏيڻ چاهي ٿي.

اي پيپر