سياسي پارٽيز ۾ به ڊڪٽيٽر ويٺل آهن، سياسي پارٽيز ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي:سپريم ڪورٽ

February 4, 2021 at 8:34 pm

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ماڻهو ايم پي ايز کي ووٽ اُن جي پارٽي سان واسطي سبب ڏيندا آهن، پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ عوامي اعتماد کي ڇيهو رسائڻ برابر آهي، سپريم ڪورٽ جا سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته اقتدار ۾ آيل پارٽي چونڊن دوران ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي آهي، سينيٽ ۾ اڪثريت نه هجي ته اُهي واعدا ڪيئن پورا ٿيندا؟ چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي پاريٽيز ۾ به ڊڪٽيٽر ويٺل آهن، سياسي پارٽيز ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ تقريبن سموريون پارٽيز ون مين پارٽي آهن، فيصلي کان اڳ اسيمبلي ميمبر کي پارٽي ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي، ملڪ سياسي جماعتون پارٽي سربراهه جي نالي سان هلنديون آهن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي پارٽيز ۾ به چيڪ اينڊ بيلينس هجڻ گهرجي، جنهن جي اسيمبلي ۾ اڪثريت هجي، اُن کي سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ تباهي آڻيندڙ عمل آهي.

اي پيپر