هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي گهٽتائي سبب لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي:عمر ايوب

February 4, 2021 at 8:33 pm

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل عم ايو کي لوٽو چيو، جنهن تي عمر ايوب طعنو هڻندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي ڪيتريون بدليون اِهو به پتو لڳايو.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجلي واري وزير عمر ايوب خان لکت وارو جواب جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي گهٽتائي سبب لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، لوڊ ڊيمانڊ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي مقدار ۾ بجلي جي پيداوار موجود آهي.عمر ايوب جو چوڻ هو ته رهتن جي وصولي ۾ بهتري ۽ بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ ڊسڪوز طرفان اي ٽي اينڊ سي جي بيناد تي لوڊ مينجمنٽ ڪئي ويندي آهي، لاڳاپيل ايس ڊي اوز ۽ ايڪسئينز جي لکت واري اجازت نامي کان سواءِ شٽ ڊائون ناهي ڪيو ويندو، شٽ ڊائون جي منظوري مجاز اٿارٽي ايس ڊي او ۽ ايڪسيئينز جي منظوري کان پوءِ ڪئي ويندي آهي.پيپلز پارٽي جي شازيا مري جو چوڻ هو ته توهان ٻڌايو 10 جنوري تي بريڪ ڊائون ڇو ٿيو توهان اسان کي ڀاشڻ نه ڏيو، اسان توهان جي تقرير ٻڌڻ ناهيون آيا، هي جلسو نه پيو ٿئي ته اسيمبلي آهي، سوالن جو درست جواب ڏيو، توهان جي نااهلي جي ڪري 3 کرب گردشي قرض وڌيو.قادر پٽيل جي سوال تي عمر ايوب جواب ڏيندي چيو ته منهنجي گهر ۾ ڪتاب آهي جنهن ۾ هڪ لفط زلفي لکيل آهي جيڪو ايوب خان کي ڊيڊي چوندو هو، هو ان جي پارٽي جي جو سيڪريٽر جنرل هو پر هن کي نااهلي جي ڪري ڪابينا مان ڪڍيو ويو، ياد رکو زلفي صدر ايوب خان جي ڪابينا ۾ هو نااهلي تي ڪڍيو ويو هو، ذوالفقار علي ڀٽو ڪيتريون پارٽيون تبديل ڪيون اِهو پتو لڳايو.

اي پيپر