سنڌ ڪابينا مينهن متاثرن لاءِ چئن ارب رپين کان مٿي جي امداد منظور ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا برسات متاثرن لاءِ 4 ارب رپين کان وڌيڪ جي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ برسات متاثرن لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ 11 لک 5 هزار رپين جي امداد جي منظوري ڏني وئي، اها رقم متاثرن کي موبائل بئنڪنگ ذريعي ڏني ويندي.رقم جي ادائيگي لاءِ 3 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي به جوڙي وئي، جنهن ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري ايڊمنسٽريشن شامل آهن، ڪميٽي کي موبائل بئڪنگ سان ڳالهه ٻولهه ڪري رقم ورهائڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي.اجلاس دوران وڏي وزير روينيو کاتي کي هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن ۾ متاثرن کي رقم جي ادائيگي شروع ٿيڻ گهرجي.سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پرائمري ۽ جونيئر استادن جون 37 هزار جايون ڀرڻ ۽ پوليس فيملي رولز ۾ ترميم لاءِ به ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون، گڏوگڏ سيسي رولز ڪئي ويندڙ ترميم اسيمبلي موڪلي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *