عدم اعتماد جي آپشن تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي: مولانا فضل الرحمان

January 26, 2021 at 7:54 pm

اسلام آباد (بيورو) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون نه پيا ڪيون، اسان سان جيڪڏهن ڪو ڳالهيون چاهي ٿو ته مطالبا پورا ڪري اچي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سان رابطو ٿيندو رهندو آهي، ٻنهي جو طريقي ڪار مختلف ٿي سگهي ٿو پر مقصد هڪ آهي، پي ڊي ايم ۾ سڀني جماعتن جو پنهنجو پنهنجو موقف آهي پر فيصلا گڏيل هوندا آهن، اڳواڻ حڪومت مان ڇوٽڪاري جي معاملي تي مڪمل اتفاق رکن ٿا.هن چيو ته سينيٽ چونڊون گڏيل طور وڙهڻ جي تجويز آهي، جنهن تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، بي اعتمادي جو آپشن موجود آهي پر ان تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، عدم اعتماد جو آپشن پ پ جو آهي، کين چيو آهي ته ان معاملي تي اهي ٻين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺن.

اي پيپر