براڊ شيٽ معاملي تي اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب ورتو ويندو: سليم مانڊوي والا

January 26, 2021 at 7:53 pm

اسلام آباد: (بيورو) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته براڊ شيٽ معاملي تي قوم سان اربين روپين جي فراڊ جو مڪمل حساب ورتو ويندو. تفصيل موجب ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا نيب چيئرمين جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هنن جي ڳالهين ۾ سچائي هجي ها ته اڄ تائين نيب ڪابه هڪ ريڪوري ته ڪري ها. سليم مانڊوي والا چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته نيب چيئرمين چيمبرز جي دوري ۽ ڪاروباري طبقي جا مسئلا ٻڌي رهيو آهي.نيب چيئرمين کي ڪاررواين کان تنگ ٿي  ڪاروبار بند ڪندڙن جي لسٽ اماڻي ويندي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو چوڻ هو ته پاڪستان کان ٻاهر ڪاروبار منتقل ڪندڙن جي لسٽ به نيب موڪلينداسين. هي وقت آهي ته نيب چيئرمين ڪاروباري ماڻهن ۽ عورتن جي خلاف نيب ڪارروايون بند ڪري. هن الزام هنيو ته نيب جي اداري ۾ صرف ڪوڙا ريفرنس داخل ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي.نيب جا  هيڪاندا نوٽيس ۽ جعلي ريفرنسز جي ڪري ملڪ ۾ سرمائيڪاري ناهي ٿي رهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ نيب جي سمورين ڪاررواين تي کلي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ براڊ شيٽ جي سنگين معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪئي وڃي. براڊ شيٽ معاملي تي قوم سان ڪيل اربين روپين  جي فراڊ جو مڪمل  حساب ورتو ويندو.

اي پيپر