سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضن خلاف 21 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج جو اعلان

January 25, 2021 at 6:51 am

ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٻيٽن سوڌو وسيلن تي قبضي خلاف 21 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڄامشورو ۾ اهم اجلاس دوران قومپرست جماعتن ۽ سڄاڻ ڌُرين طرفان وسيلن جي ڦرلٽ خلاف جدوجهد جاري رکڻ تي اتفاق، اجلاس ۾ جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻيا قومپرست اڳواڻ توڙي سڄاڻ ڌُريون شريڪ ٿيون، اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻيٽن تي قبضي لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، سنڌ حڪومت وسيلن ۽ صوبي جي سرحدن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.اسان سنڌ، سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن جا مالڪ آهيون وفاق شروع کان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندو آيو آهي، ٻيٽن جي معامري تي ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين نه پوئتي هٽنداسين، حڪومت سنڌي قوم ۽ مقامي ماڻهن جي حمايت کان سواءِ ڪا به اڏاوت نٿي ڪري سگهي. سنڌ جي مالڪي ڪنداسين، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر تنهن باوجود به بک ۽ بدحالي ۾ جو شڪار آهيون، سنڌ جي ٻيٽن سميت ٻين وسيلن جي مالڪي ۽ وفاق پاران قبضن خلاف 21 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪنداسين.

اي پيپر