پي ڊي ايم لانگ مارچ جي تاريخ ٻڌائي، سندن آجيان ڪنداسين: شيخ رشيد

راولپنڊي: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا لانگ مارچ جي تاريخ ٻڌائين، اوهان جي آجيان ڪنداسين.راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته مهانگائي ان لاءِ وڌيڪ ٿي آهي ته چورن تمام گهڻي ڦرمار ڪئي.  ماضي ۾ اهڙا معاهدا ڪيا ويا جنهن سبب بجلي مهانگي ڪرڻي پئي. شيخ رشيد هلندڙ سال ئي مهانگائي ۽ بيروزگار تي ڪنٽرول ڪندو. وفاقي وزير چيو ته مان وقت کان اڳ ڳالهه ڪندو آهيان ۽ ماڻهو مذاق اڏائيندا آهن.  مان اڳ ئي چئي ڇڏيو آهي ته پي ڊي ايم وارا استعيفيٰ نه ڏيندا، ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندا.مان نٿو چاهيان ته پي ڊي ايم ايڪسپوز ٿي وڃي. پي ڊي ايم کي ڪجهه نه ملندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو. هاڻ ته بلاول زرداري به چوي ٿو ته بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين. مان هنن کي چوان ٿو ته بي اعتمادي هڪ دفعو نه سئو ڀيرا آڻيو، پي ڊي ايم کي چوان ٿو ته اچو لانگ مارچ جي تاريخ ٻڌايو اوهان جو استقبال ڪنداسين پر هو اهڙي طرح اچن جيئن اليڪشن ڪميشن جي سامهون آيا ۽ ماڻهو پنهنجا آندا. شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان ماڻهن جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي.پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري وٺندا. مان مولانا جو احترام ڪريان ٿو هو بند گهٽي ۾ وڃي رهيو آهي. کيس چوان ٿو ته هو مدرسي جي ٻارن کي پڙهڻ ڏي ۽ اچي اسان گڏجي اسرائيل جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي لاءِ جلسا ڪريون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *