موبائل ڦر تان مديجي ۾ جوڻيجا ۽ دَلَ وڙهي پيا، 5 ڄڻا قتل

January 15, 2021 at 8:02 pm

مدئجي(رپورٽر) مدئجي ويجهو نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻه ڏينهن اڳ موبائيل فون ڦر مامرو شدت اختيار ڪري ويو، ڌرين وچ ۾ ٻيهر جهيڙو،فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا مارجي ويا، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي،لاش تعلقي اسپتال مدئجي منتقل،مارجي ويلن جي وارثن پاران ڌار ڌار ڌرڻا،روڊ بلاڪ نعريبازي،مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو،ڪيس داخل نه ٿيو،ڌريون مورچا بند بڻيل،علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل،ڪيس داخل..تفصيل موجب مدئجي ڀرسان نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻه ڏينهن اڳ موبائيل فون ڦر مامرو شدت اختيار ڪري ويو جنهن تان ٻيهر جهيڙي بعد فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جنهن بعد ڳوٺاڻن مارجي ويلن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا جتي فوتين جي سڃاڻپ صدرجوڻيجو،اصغرجوڻيجو،رسول بخش جوڻيجو، عبدالوهاب دل ۽ ثناءُ الله دل طور ڪئي وئي آهي،جڏهن ته زخمين ۾ عورت مسمات شريفان خاتون دل ۽ عبدالستاردل سميت ٽي ڄڻا شامل آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج لاءِ اماڻيو ويو آهي.مارجي ويل جا لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.خبرفائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

اي پيپر