عام پاڪستاني 41 قسمن جو ٽيڪس ڏئي ٿو: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان چوي ٿو ته ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين، جڏهن ته عام پاڪستاني 41 قسمن جا ٽيڪس ڏئي ٿو.سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته مهانگائي پاڪستانين جي خريداري واري قوت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته جهڙي وڪالت اڄ بابر اعواڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪري رهيو آهي، اهڙي ئي پهرين پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪندو هو.سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان هن وقت ايشيا ۾ مهانگائي تي نمبر ون پوزيشن تي آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.هن وڌيڪ چيو ته 2 سال ٿي ويا آهن ڳالهين واري هن حڪومت ڪيو ڪجهه به ناهي، اسان جي ملڪ ۾ مسئلن جو حل اسلامي نظام آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *