اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان کان 29 ملين آمريڪي ڊالر هرجاڻو وصول ڪندڙ برطانوي ڪمپني براڊ شيٽ عمران خان حڪومت کان هڪ ٻيو معاهدو ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪيون.ڪمپني جي نمائندي بيرسٽر ظفر علي وزيراعظم عمران خان ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر سان ملاقات ڪئي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي براڊ شيٽ جي چيف ايگزيڪٽو ڪاوه موسوي انڪشاف ڪيو ته شهزاد اڪبر مون کي ٻڌايو ته ظفر علي مون سان ملڻ آيو هو ۽ مون چيو ته اوهان ان سان ملاقات تي راضي ڇو ٿيو؟ شهزاد اڪبر چيو ته ظفر علي جو مون سان تعارف پاڪستان جي هڪ طاقتور شخصيت ڪرايو هو ان لاءِ مان ان سان ملاقات کان انڪار نٿي ڪري سگهيس پر ملاقات کان پوءِ مون کي اندازو ٿيو ته هو ان قابل ناهي ان ڪري مون کيس عملي طور ٻاهر جو رستو ڏيکاريو. ڪاوه موسوي چيو ته عمران خان ان وقت نئون حڪومت ۾ آيو هو ۽ هي نئين ماڻهو جي ڳولا ۾ هئا. هنن جو خيال هو ته گذريل حڪومتون بدديانت هيون ۽ اسان ان معاملن جي مناسب جاچ چاهيون ٿا ۽ اسان اوهان کي نئون ڪانٽريڪٽ ڏينداسين ته مون چيو ٺيڪ آهي.جڏهن ظفر علي مون سان رابطو ڪيو ته مان شهزاد اڪبر سان ملاقات تي راضپو ظاهر ڪيو مون شهزاد اڪبر کان پڇيو ته ان تصديق ڪئي ته هو ان سان مليو هو. هن ٻڌايو ته مان ظفر علي کي چيو ته جڏهن اوهان کي ان تي ڀروسو نه هو ته ان سان مليا ڇو؟ هن چيو ته ان جو تعارف مون سان پاڪستان جي وڏي طاقتور ماڻهو ڪرايو هو جنهن کان پوءِ مون سوچيو ته ملي ٿا وٺون ملڻ ۾ ڪوبه حرج ناهي. مون کانئس پڇيو ته اوهان پاڪستان ۾ معاملا ائين هلائيندا آهيو؟ انساني حقن جو هڪ وڪيل ائين ڪيئن ڪري سگهي ٿو ته طاقتور ماڻهن جي چوڻ تي ملاقات ڪري.هن چيو ته شهزاد اڪبر چيو ته پاڪستان جون حقيقتون آهن مون کيس جواب ڏنو ته شهزاد مون کي پاڪستان جي حقيقتن جي باري ۾ نه سيکاريو ان باري ۾ مون کي 18 سالن جو تجربو آهي. براڊ شيٽ جي چيف ايگزيڪيٽو جو چوڻ هو ته ايون فيلڊ جو معاملو ته ڪافي وقت کان پوءِ سامهون آيو. اسان ٻين اثاثن کي ڏسي رهيا هئاسين. شروع ۾ اسان ڊارڪ نيٽ جي جاچ ڪئي ۽ ان ۾ ڪجهه نشانيون مليون. ۽ اسان پنهنجي مدد جي لاءِ ايف بي آءِ جا اڳوڻا ايجنٽ هائر ڪيا. ايون فيلڊ جا معاملا ته پوءِ سامهون آيا جڏهن اها ڳالهه اسٽوري بڻجي.هن ٻڌايو ته مون ڏٺو آهي ته شريف خاندان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته لنڊن جي عدالت کيس بري قرار ڏنو آهي. منهنجو پيغام آهي ته ائين ناهي ٿيو. ٿيو ائين آهي ته اسان نوازشريف جي خواف درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي ڇو ته اسان کي ايتري رقم ملي چڪي هئي جنهن سان ججمنٽ ڪور ٿي وڃي ها جنهن کان پوءِ اسان کيس ڇڏي ڏنو. هن چيو ته اهو خيال ته مان ڪمپني تڏهن خريد ڪئي جڏهن اها ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪي هئي اهو غلط ۽ ڪوڙ آهي، جيڪڏهن شهزاد اڪبر اهو چوي ٿو ته هو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ مان اهو ڪيمرا جي سامهون چوان ٿو ته هو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته مان براڊشيٽ کي خريد ڪيو.هن چيو ته مان براڊشيٽ کي مسلسل فنڊ ڪندو رهندو آهيان ته جيئن هي ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿئي ۽ رجسٽر تي اچي ته جيئن ايڪشن ڪري سگهي.ڪاوه موسوي وڌيڪ چيو ته اسان سان معاهدو مشرف واري حڪومت ڪيو هو ۽ ان لاءِ معاهدي جي ڀڃڪڙي به مشرف جي حڪومت ڪئي پر رياست ان جي ذميوار هوندي آهي، جيڪڏهن حڪومتون اينديون وينديون آهن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته احتساب بيورو ان جو ذميوار ناهي.