اسان رڳو ڳالهيون نه پر ڪم ڪري ڏيکاريو: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول مائيننگ ۽ پاور پراجڪيٽ سنڌ حڪومت جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي، اسان رڳو ڳالهيون نه پر ڪم ڪري ڏيکاريو.سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ جو 22هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ٿرڪول ون 3.8 ايم ٽي پي اي جو منصوبو آهي، منصوبي جي لاڳت 627 ملين ڊالر آهي، هن وقت 6 ملين ٽن ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي.اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٿرڪول ٽو جي گنجائش 7.6 ايم ٽي پي اي (ميٽرڪ ٽن پر انم) آهي، منصوبي جي لڳت 862 ملين ڊالر اهي ۽ ايس اي سي ايم فيز ٿري ۾ 7.6 ايم ٽي پي اي مان وڌائي 13 ايم ٽي پي اي ڪول مائين ڪندو.وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته مائيننگ جي واڌ جي فزيبلٽي مڪمل ٿي چڪي آهي، 230 ميگا واٽ جا 2 پاور پراجيڪٽ 10 جولاءِ 2019 کان ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهي پاور پراجيڪٽ ورلڊ بئنڪ جي ماحولياتي گائيڊ لائنز جي 100 سيڪڙو موجب آهن.اجلاس ۾ بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فيز ٿري ۾ ٿر انرجي لميٽيڊ جي پاور پلانٽ تي 60 سيڪڙو ۽ ٿرڪول جي پاور پراجيڪٽ تي به 30 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اهي ٻئي منصوبا سال 2022 ۾ ڪم شروع ڪندا.ان موقعي تي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿرڪول منصوبو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن جو ضامن آهي، ٿرڪول مائينر کان نيو ڇور عمرڪوٽ تائين ريلوي لنڪ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اها ريل پٽڙي 105 ڪلو ميٽرن تي ٻڌل هوندي، اهو ريل لنڪ 300 ملين ڊالرن جو منصوبو هوندو ۽ ان منصوبي ۾ ويگنز ۽ لوڪوموٽيوز به شامل هونديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *