اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پارليامينٽ قانون ٺاهيندي ۽ عدالت ان جي تشريح ڪندي آهي، عدالت جي تشريح جا ته سڀ پابند هوندا.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ وٽ 3 مختلف قسمن جا اختيار آهن، عدالت ٻن حڪومتن وچ ۾ تڪرار تي فيصلو ڪري سگهي ٿي، عدالت جو ٻيو اختيار 3/184 جو آهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽس خلاف اپيلون به ٻڌيون آهن، سپريم ڪورٽ صدر جي ريفرنس تي مشورو ۽ گائيڊ لائن به ڏئي سگهي ٿي، اوپن بيلٽ لاءِ آرٽيڪل 226 ۾ ترميم ضروري آهي.اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته عدالت ڪڏهن سياسي معاملن تي ڳالهه ناهي ڪئي، سپريم ڪورٽ بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ جو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو هو، عدالت صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار ڏنو هو، سڀاڻي ڪوئي اچي پاڻ کي خليفو چئي ته عدالت اجازت نه ڏيندي، نواز شريف ڪيس ۾ عدالت اسيمبلي تحليل ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو، صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر جي چونڊ ڪنهن ٽربيونل ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، آرٽيڪل 225 تحت عام چونڊون اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ٿي سگهن ٿيون، عدالت وٽ اختيار آهي ته اها ڪيئن آرٽيڪل 226 جي تشريح ڪري ٿي.جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ قانون ٺاهيندي ۽ عدليا ان جي تشريح ڪندي آهي، چونڊن جو طريقي ڪار جنهن قانون ۾ داخل آهي، اليڪشن ان تحت ئي ٿيندي، عدالت جي تشريح جا ته سڀ پابند هوندا.هن چيو جيڪڏهن عدالت تشريح ڪري ٿي ته ڇا عدالتي تشريح کي ترجيح حاصل هوندي؟ گڏوگڏ عدالت ٻڌڻي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.