وفاق گيس جي معاملي ۾ سنڌ سان زيادتي پيو ڪري: وڏو وزير

January 13, 2021 at 5:49 am

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آدم شماري واري معاملي تي متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن سان رڳو زباني ڳالهيون نه ڪيو، سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران هن وڌيڪ چيو ته مون کي خبر آهي ته قرباني ڏيڻ توهان جي وس ۾ ناهي ڇو ته هلائڻ وارو ڪير ٻيو آهي.هن چيو ته وفاقي ڪابينا آدم شماري منظور ڪري ڇڏي ۽ هڪ ميمبر اعتراض ڪيو ۽ ڳالهه ختم ٿي وئي ائين ڳالهه ختم ناهي ٿيندي.هن چيو ته توهان وفاقي حڪومت جي حمايت نه ڇڏي پر اهڙي اهم مسئلي تي سنڌ جي ماڻهن سان ته بيهن.سيد ۾ گيس جي گهٽتائي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ واضح آهي ته جتان گيس نڪري ٿي ان کي وڌيڪ حق هوندو آهي.سندس چوڻ هو ته مون 28 ڊسمبر تي وزير اعظم کي لکيل خط ۾ آرٽيڪل 158 جو ذڪر ڪيو ۽ گيس جي فراهمي ۾ گهٽتائي واري معاملي تي حالتن جي سنجيدگي جو احساس ڏياريو.سيد مراد علي شاهه چيو ته وزير اعظم جا پنهنجا ئي ماڻهو کيس گمراهه ڪري رهيا آهن جيڪي مسلسل گمراهه ٿيندا پيا وڃن.سندس چوڻ هو ته هتي 25 کان 26 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي پروڊڪشن آهي ان ڪري اسان کي وڌيڪ نه تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 16 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪري.هن چيو ته وزير اعظم پاڻ ڪو جواب نه ڏنو ۽ جڏهن جواب  توانائي واري وزارت  طرفان جواب آيو ته سڄو ملبو گذريل حڪومتن تي مٿان وجهي ڇڏيو.سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي اداري طرفان مليل خط ۾ اسان جي بيان جي نفي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اسان سنڌ کي 16 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪري ٿي.هن چيو ته وفاق گيس جي معاملي ۾ سنڌ سان زيادتي ڪري رهيو آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل 10 ڏينهن دوران ٻه خط وفاق ڏانهن موڪليا آهن ۽ هر هڪ جي جواب ۾ سڄو ملبو گذريل حڪومتن تي وڌو ويو.سندس چوڻ هو ته وفاق جي سطح تي خراب انتظامي معاملن جي ڪري بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، اسان جي مٿان جيترا ڪيس ٺاهڻا آهن ٺاهيو اسان کي خوف ناهي ڇو ته اسان سڌي رستي تي آهيون.

اي پيپر