پاڪستان ۾ ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم موجود ناهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ منظم دهشتگردن جو ڪو اسٽرڪچر موجود ناهي.جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته گذريل 10 سال هر لحاظ سان ڏکيا ترين هئا، هڪ ڏهاڪي کان سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ تازو معيشت ۽ سيڪيورٽي سان گڏ ڪورونا جهڙن مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو، گڏوگڏ اسان ڀارتي شرپسندي کي به منهن ڏنو، سمورن چئلينجن باوجود قوم متحد ٿي مقابلو ڪيو.هن چيو ڀارت نٿو چاهي ته پاڪستان امن ۽ ترقي جي رستي تي هجي، گذريل ڏهاڪي کان ايل او سي تي ڀارتي شرپسنديون جاري هيون، اسان ڀارت جي ناپاڪ ارادن جي نشاندهي ڪئي ۽ مقابلو ڪيو، دهشتگردي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيا ويا، خطرا اندريان هجن يا ٻاهريان سدائين حقيقتن ذريعي نشاندهي ڪئي ۽ مقابلو ڪيو، دهشتگردي خلاف آپريشن سان سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي، هن وقت پاڪستان ۾ ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم موجود ناهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت اقليتن جي حوالي سان ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي ۽ ڪشمير جي سطح تي پنهنجي جارحيت کي لڪايو، پاڪستاني ميڊيا ڀارتي پروپئگنڊا کي بي نقاب ڪيو، جنهن تي ميڊيا مبارڪباد جي حقدار آهي، اسان کي ملڪ جي ڪاميابي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ڪورونا خلاف پاڪستان جي ڪوششن جو دنيا اعتراف ڪري رهي آهي پر دشمن قوتون اسان کي ناڪام ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ڀارت خلاف ڊوزيئر ۾ جيڪي حقيقتون آهن، اهي مختلف ملڪن تائين پهچائي ڇڏيون آهن، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ افغانستان ۾ داعش جي مدد ڪري رهي آهي.پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ راولپنڊي اچڻ جو ڪو سبب نظر نه پيو اچي، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان راولپنڊي آيو ته کيس چانهه پاڻي پيئارينداسين، جنهن نوعيت جا الزام هنيا پيا وڃن، انهن ۾ ڪو وزن ناهي، حڪومت فوج کي چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري سونپي، فوج ذميواري ۽ ايمانداري سان چونڊون ڪرايون، پوءِ به ڪو شڪ آهي ته لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو وڃي، الزام هڻڻ سٺي ڳالهه ناهي، فوج حڪومت جو ذيلي ادارو آهي، حڪومت سڀني الزامن جو بهتر انداز ۾ جواب ڏئي رهي آهي، فوج کي نه سياسي معاملن ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ نه گِهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڪنهن سان به ڪي بيڪ ڊور رابطا ناهن، اسان کي ان معاملي کان پري رکيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *