عمران خان جي وفاقي حڪومت ڪيل واعدن تي يقين نٿي رکي: مرتضيٰ وهاب

January 12, 2021 at 5:21 am

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون ۽ ماحوليات بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران خان جي وفاقي حڪومت ڪيل واعدن تي يقين نٿي رکي ۽ حڪومت جنهن طريقي سان تعصب کان ڪم ڪري رهي آهي اهو شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مردم شماري جو معاملو اهم آهي جيڪڏهن هڪ صوبي جي صحيح آبادي جا انگ معلوم نه هجن ته پوءِ اهي ڪئين منظور ٿي وڃن ٿا.  مردم شماري ۾ سنڌ جي حقيقي آبادي رڪارڊ ناهي ڪئي وئي. جڏهن پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هئي ته مردم شماري جي معاملي تي گڏ هئي ۽ هاڻي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ پنهنجو واعدو ٽوڙيو آهي.  هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ يو ٽرن ورتو پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ مراد علي شاهه سنڌ جو معاملو اٿاريو هو.  هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو گڏيل مطالبو هو ته ڪميٽي صوبن سان صلاح مشوري بعد سفارشون ڏيندي پر ڪميٽي جي رپورٽ صوبن سان مشوري کانسواءِ ڪابينا کان منظور ڪرائي وئي. گڏيل مفاد هڪ وڏو آئيني ادارو آهي جنهن جو سربراهه وزيراعظم آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي عمل درآمد ۾ ناڪامي آئين جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته مردم شماري ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن صحيح آبادي رجسٽرڊ نه ٿئي ته وسيلا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا. 2017 جي مردم شماري ۾ صحيح آبادي رڪارڊ نه ڪئي وئي جنهن تي 2017 ۾ پي ٽي آءِ مردم شماري تي پيپلز پارٽي سان آواز بلند ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجو حصو وڌائڻ جي اميد ڪئي پر اهي فيصلو نه ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته گئس سپلائي جو بند ٿيڻ پڻ هڪ مسئلو هو. پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل شق تي عمل نه ٿي رهيو آهي.  آرٽيڪل 158 ۾ چيو ويو آهي ته صوبن کان نڪرندڙ معدنيات جو پهريون حق صوبي جو آهي اهو معاملو ڪورٽ ۾ به ويو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي حق ۾ فيصلو ڏنو. هن چيو ته سنڌ 68 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ۽ سنڌ کي گئس جو پهريون حق حاصل آهي پر اها بدقسمتي آهي ته اسان جا چولها ٿڌا ٿي ويا آهن ۽ صنعتي سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن. اسان کي آئيني طور ترجيح ناهي ڏني ويندي  هن چيو ته پاڪستان جون وڏيون برآمدات سنڌ مان آهن ۽ وزيراعظم ٽوئيٽ ڪندو آهي ته وڌ کان وڌ ٽيڪس انهن صنعتي علائقن مان وصول ڪيو ويندو آهي.  ھن چيو ته نوڪريون ڏيڻ ۾ به ڪوٽڙي ڄامشورو جا صنعتي يونٽ سڀني کان وڌيڪ آھن. هن چيو ته ڪراچي جا صنعتڪار مهانگي گئس خريد ڪرڻ تي راضي ٿيا پر پوءِ به گئس فراهم نه ڪئي وئي. صنعتن کي گئس نه ڏيڻ جيڪو اخلاقي طور غلط آهي.  اسان کي خبر ناهي ته وزير توهان کي ڇا ٻڌائين ٿا. هن چيو ته سنڌ صوبي جي نمائندگي وفاق ۾ آهي.  جن ۾ پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم کي نمائندگي ملي آهي.  سنڌ کان ڇھ وفاقي وزير آھن اهي ڇو سنڌ جي حقن ۽ جائز حصي جي ڳالھ ناھن ڪندا.  اها سندن بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته معاشي، اخلاقي ۽ آئيني تاريخي اسان جي ملڪ ۾ هئي پر فيس بوڪ، ٽوئيٽر ۽ پريس ڪانفرنسن جي حڪومت ملڪ کي اونداهي ۾ وڌو. پهريان اهي صورتحال کي پاڻ خراب ڪن ٿا  پوءِ اهي بهتر ڪرڻ جا  دعويٰ ڪن ٿا هن چيو ته کنڊ مافيا جا اگهه 55 رپين کان 85 رپين تي آڻي ڪري، وزيراعظم پنهنجو واعدو پورو ڪيو، هاڻ پاڪستاني بيٽسمين سينچري نه پيا ٺاهن پرکنڊ جي قيمت سينچري پار ڪري چڪي آهي. هن وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته وزير اعظم صاحب توهان جي نااهل ڪابينا ڪنهن ڪم جي نه  آهي. اهي قابل حڪمران سرڪلر ڊيبٽ گهٽ ڪرڻ هليا ها ۽ گذريل هڪ سال ۾ ست سئو ارب رپين نقصان ڪري چڪا آهن.  هن چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجو نالو پاڪستان تحريڪ انصاف مان تبديل ڪري پاڪستان تحريڪ الزام رکڻ گهرجي. اڳي ڪڏهن به عوام هڪ ڏينهن ۾ 9 وزيرن جي پريس ڪانفرنسون نه ڏٺيون آهن. انهن جي ڪارڪردگي ڪجهه ناهي.  شبلي فرازسڀ الزام گذريل حڪومتن تي لڳائيندو آهي پر پاڻ ڪجهه به ڪرڻ جي قابل نه آهي

اي پيپر