سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري جي بازيابي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري عمر عبدالله جي بازيابي جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته مغوي بازياب نه ٿيو ته لاڳاپيل آفيسر تياري ڪري اچن، کين جيل موڪليندس، اڳوڻي کانپوءِ هاڻوڪي آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري خلاف به ڪارروائي ٿيندي.هن چيو ته ماڻهو گم ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ رياست جي ناڪامي آهي، 6-6 سالن کان توهان ماڻهن کي کنيو آهي، رياست کي ئي جواب ڏيڻو آهي، ٻئي ملڪ کان ڪوئي نه ايندو جواب ڏيڻ.عدالت چيو ته اسلام آباد پوليس رڳو ننڍا ڏوهه روڪي سگهي ٿي، ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ان جي وس جي ڳالهه ناهي، سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون.عدالت ان وقت جي بچاءَ، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري ڪندي 19 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *