ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ جديد ٽرانسپورٽ جو نظام بحال ٿي ويندو: گورنر سنڌ

January 11, 2021 at 5:42 am

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ 2021ع ۾ جديد ٽرانسپورٽ جو نظام بحال ٿي ويندو، ڪي فور منصوبو هر صورت ۾ 3 سالن اندر مڪمل ٿيندو، گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر ۽ امين الحق گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، گورنر سنڌ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي واسين سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، اُهي پاڙي رهي آهي، جون 2021ع تائين گرين لائين منصوبو به سرجاني ٽائون کان نمائش تائين شروع ٿي ويندو، هنن چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، ڪي فور ۽ ٻيا اهم منصوبا وفاقي سرڪار پورڻ ڪرڻ ۾ رڌل آهي، شهرين کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون.

اي پيپر