پٿر دل انسان جو انتظار نه ڪيو، پنهنجي پيارن جا مڙهه دفنائي ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز مچ واقعي تي چيو آهي ته ڏکي مائرن، ڀينرن لاءِ پنهنجي پيارن جو قتل معمولي سانحو ناهي، سڄي قوم توهان جي ڏک ۾ شريڪ آهي.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز مچ واقعي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي لکيو ته منهنجو پيءُ نواز شريف به واقعي تي ڏکارو آهي.سندس چوڻ هو ته توهان هڪ بي حس ۽ پٿر دل انسان جو انتظار نه ڪيو، هو توهان کي يا عوام کي جوابده ناهي، پنهنجي پيارن جا مڙهه الله حوالي ڪري دفنائي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *