راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته قومي ادارن جي سمورن عنصرن کي پيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس (جي ايڇ ڪيو) ۾ ٿي جنهن ۾ علائقائي، ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سرحدن جي صورتحال، اندرين سيڪيورٽي، پيشيوراڻي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي يوم حق خوداراديت جي مڪمل حمايت جو اعادو ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي خواهش جي موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حق ملڻ تائين ڪشميرين جو ساٿ ڏيڻ واري عزم جو اعادو ڪندي مقصد جي پڄاڻي تائين ڪشميرين سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته هر سطح تي بهترين صلاحيتن جي ڪري سمورن چيلنجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، قومي ادارن جي سمورن عنصرن کي پيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.