ڪرڪ واقعو: مندر جي اڏاوت جو خرچ ذميوارن کان وصول ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪرڪ ۾ مندر ساڙڻ جي واقعي جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته جن ماڻهن مندر ساڙيو، انهن کان پئسا ريڪور ڪيو ۽ مندر جي اڏاوت لاءِ مولوي شريف کان پئسا ريڪور ڪيا وڃن.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪرڪ ۾ مندر ساڙڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ آءِ جي خيبر پختونخواهه ثناءُ الله عباسي ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.جسٽس اعجاز الاحسن آءِ جي کان سوال ڪيو ته آءِ جي صاحب! گڏ پوليس جي چوڪي آهي، اهو واقعو ڪيئن ٿي ويو؟ توهان جون انٽيليجنس ايجنسيون ڇا ڪري رهيون هيون جڏهن ايڏا ماڻهو گڏ ٿيا؟آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته واقعي تي ايس پي ۽ ڊي ايس پي سميت ڊيوٽي تي مقرر 92 اهلڪارن کي معطل ڪيو آهي، واقعي ۾ ملوث 109 ماڻهو گرفتار آهن، جمعيت علماءِ پاڪستان جو ان هنڌ ميڙاڪو هو، 6 عالمن مان رڳو مولوي شريف احتجاج تي اُڪسايو.آءِ جي جي جواب تي چيف جسٽس چيو ته پوليس اهلڪارن کي رڳو معطل ڪرڻ ڪافي ناهي، ان واقعي سان پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي.چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڪي پي حڪومت هندو سماڌي کي نئين سر تعمير ڪرائيندي ۽ ان جو خرچ به برداشت ڪندي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جن ماڻهن مندر کي ساڙيو، انهن کان پئسا ريڪور ڪيو، مندر جي اڏاوت لاءِ مولوي شريف کان پئسا ريڪور ڪيا وڃن، جيستائين انهن جي کيسن مان پئسا نه نڪرندا، اهي ٻيهر به اهڙو ئي ڪم ڪندا.عدالت متروڪه وقف املاڪ کان ملڪ ۾ مندرن ۽ گوردوارن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ حڪم ڏنو ته مندرن ۽ گوردوارن جي زمينن تان حدخليون ختم ڪيون وڃن.پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *