اسلام آباد/ڪوئٽه(م ڊ) بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ نامعلوم ماڻهن 11 مزدورن کي اغوا کان پوءِ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب بلوچستان جي ضلعي بولان جي تعلقي مڇ جي علائقي گشتري ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ رات دوران نامعلوم ماڻهن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي اغوا ڪري پهريان انهن کي پهاڙن تي وٺي ويا ۽ پوءِ انهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني. واقعي کان پوءِ هٿياربند نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس انتظاميه ۽ سيڪيورٽي فورس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي.واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 مزدور فوت ٿي ويا آهن لاشن کي مڇ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر بولان مراد ڪاسي جو چوڻ اهي ته واقعي ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جنهن جو علاج جاري آهي. پورهيتن جا مڙهه مڇ آڻڻ جي لاءِ ايمبولينسون ڪوئٽه کان روانيون ٿي ويون آهن.هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال مڇ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدارن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. دهشتگردن جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي پرڏيهي دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام لاءِ لڳاتار وار ڪري رهيا آهن، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير طرفان مڇ ۾ پورهيتن جي قتل واري واقعي جي مذمت، شبلي فراز چيو آهي ته افسوس جو موجوده حالتن ۾ به عوام طرفان رد ڪيل سياستدان پرڏيهي دشمنن هٿان استعمال ٿي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ عدم استحڪام جو ارادو رکندڙ دشمنن کي ناڪام بڻايو ويندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد آءِ جي بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا واقعا پاڪستاني عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، قتل واقعي ۾ ملوث ڌُرين سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.