بهاولپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد کان ناجائز قبضو ڇڏائڻ گهرون ٿا، پي ڊي ايم جائز جدوجهد ڪري رهي آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت مخالف تحريڪ بابت پي ڊي ايم جي موقف ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي، شيخ رشيد کي ڇڏي ڏيو، پي ڊي ايم پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهي، استعيفائن جو مرحلو اڃا رهيل آهي، اپوزيشن پارٽيز جي سمورن ميمبرز پنهنجي قيادت آڏو استيعفائون جمع ڪرائي ڇڏيون.