اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ نيب تي بحث دوران حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز جي هڪٻئي تي تنقيد، راجا ظفر الحق چيو آهي ته نيب عدالت کان ٻاهر ٽرائل شروع ڪري ماڻهن کي بدنام ڪندو آهي، نيب جو مقصد آهي ته سياسي مخالفن کي بدنام ڪيو وڃي، نيب جي مامري کي ڪميٽي جي حوالي ڪري بحث ڪرايو وڃي، مولانا غفور حيدري چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي سياسي انتقام جو سلسلو جاري آهي، نيب ثبوتن بنا سياستدانن جون پڳون اُڇليون ۽ کين قيد ڪيو، فضل الرحمان جو ڏوهه اهو آهي ته عمران خان جي سليڪٽرز سان اکين ۾ اکيون وجِهي ڳالهايو، ٽڪرا ٽڪرا ٿي وينداسين، پر نيب آڏو پيش نه ٿينداسين، نيب انتقام جو ادارو بڻجي ويو ۽ انساني حقن جي پائمالي ڪري رهيو آهي.