اوپن بيلٽ سينيٽ چونڊون، حڪومت جو سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل

اسلام آباد (بيورو) حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو.صدر عارف علوي سينيٽ چونڊن ۾ شو آف هينڊز جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي راءِ گهري ورتي آهي، صدر آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪلڻ جي وزيراعظم جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ لاءِ ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.صدر سينيٽ جي چونڊن ۾ اوپن بيلٽ، شو آف هينڊز جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي راءِ گهري آهي، جيڪا آئين ۾ ترميم کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن (6) 122 ۾ ترميم لاءِ گهري وئي آهي.حڪومتي ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سينيٽ چونڊن جو طريقي ڪار آئين ۾ واضح ناهي، سينيٽ جي چونڊ اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت ڪرائي ويندي آهي، سينيٽ جي چونڊ اوپن بيلٽ تحت ٿي سگهي ٿي ۽ اوپن بيلٽ سان سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت ايندي.وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته سينيٽ ۾ ڳجهي بيليٽينگ سان ميمبرن جي خريد ۽ وڪري ۾ مني لانڊرنگ جو استعمال ٿيندو آهي ۽ ڳجهي ووٽنگ سان سينيٽ چونڊن کانپوءِ شفافيت تي سوال اٿاريا ويندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *