پيپلزپارٽي جي زونل آفيس جو افتتاح، لياري پيپلزپاٽي جو ڳڙهه ۽ قلعو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه ۽ مضبوط قلعو آهي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي لياري ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪندم ان ڏس ۾ لياري ۾ پنهنجو ڪيمپ آفيس قائم ڪري ڇڏيو آهي هتان جي عوام کي درپيش مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لياري جي زونل آفيس ۾ سجاوٽ ۽ آرائش جي ڪم مڪمل هئڻ جي بعد ان جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جاويد ناگوري، نجمي عالم، خليل هوت، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر سائوٿ ارشاد علي سوڊر، ميونسپل ڪمشنر اختر علي شيخ سميت ٻيا آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته سيوريج ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت لياري جي ٻين مسئلن سان بخوبي آگاهه آهيان جنهن جي ازالي لاءِ هڪ طرفو سان گڏ مصروف عمل ۾ آهيون لياري ۾ انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ سميت روڊن جي تعمير، صحت ۽ صفائي جي نظام ۽ ڊرينيج سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ان کان علاوه پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ آر او پلانٽس کي فعال بڻائينداسين جڏهن ته نڪاسي آب جي مسئلي کي حل لاءِ ايم ڊي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي هدايتون ڏنيون ويون آهن سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ئي لياري ۾ ڪم ڪيو آهي روزگار پڻ اسان جي پارٽي ئي ڏيندي آهي نيون نوڪريون ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا هون ڪجهه مهينن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ حددخلين جو خاتمو ڪيو ويو آهي لياري ۾ غيرقانوني طور تي تعمير عمارتن جي خلاف ايڪشن ٿيو آهي وڌيڪ پڻ ڪري رهيا آهيون بلڊرز مافيا ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون لياري ۾ راندين کي هٿي ۽ ترقي اسان جي ترجيحات ۾ شامل آهي لياري ۾ فٽبال، باڪسنگ، ڪراٽي سميت ٻين راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ لاءِ تسلسل سان گڏ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن ۾ سرگرمين کان بچڻ ۾ معاون ثابت ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *