لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي به قرباني ڏيڻي پئي ته اسان تيار آهيون.لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته حڪومت گهٻراهٽ ۽ بوکلاهٽ جو شڪار آهي ڇو ته حڪومت ڄاڻي ٿي ته هنن کي سينيٽ ۾ اڪثريت نٿي ملي سگهي.سندس چوڻ هو ته اي پي ايس تي دهشتگردي اسان يادن ۾ تازي آهي، هن حڪومت اي پي ايس جي ٻارن کي لاوارث ڇڏيو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو احسان الله احسان جيڪو اي پي ايس جي واقعي ۾ ملوث هو، جيل مان نڪري ڀاڄوڪڙ بڻيل آهي، هي حڪومت دهشتگردن کي جيل ۾ بند ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان جو مطالبو اِهو ئي آهي ته وزير اعظم 31 جنوري تائين مستعفي ٿي وڃي ڇو ته حڪومت عوام جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي لاءِ ڪوششون نه پئي ڪري، کنڊ، اٽي کان پوءِ سوئي گيس جو بحران به وڌي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته سڄي پاڪستان ۾ آواز آهي ته عمران خان کي وڃڻو پوندو،پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين جو مطالبو آهي ته وزير اعظم مستعفي ٿئي.مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان لاهور جيل ۾ ملاقات جي حوالي سان ڳالهائيندي چيئرمين پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته شهباز شريف سان ملاقات جو مقصد تعزيت ڪرڻ هو پر ٻه سياستدان ملندا آهن ته سياسي ڳالهيون به ٿينديون آهن، شهباز شريف سان ملاقات ۾ پي ڊي ايم کي مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهيون ٿيون. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي قرباني به ڏيڻي پئي ته اسان تيار آهيون.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مون سميت اسان سڀني استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، لانگ مارچ ۽ استعيفائن جو ايٽم بم استعمال ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪمت عملي اِها ئي هوندي ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار نه ٿئي، اسان حڪومت کي موقعو ڏئي رهي آهيون ته 31 جنوري تائين مستعفي ٿي وڃي، 31 جنوري تائين عمران خان مستعفي نه ٿيو ته دما دم مست قلندر ٿيندو جنهن سان مخالف ڌر کي فائدو ۽ حڪومت کي نقصان ٿيندو.پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان مزاحمت ۽ ڳالهيون ٻئي ڪم ڄاڻون ٿا پر هاڻ ڳالهين جو وقت نڪري چڪو آهي، هاڻ اسان هنن کان استعيفيٰ وٺي رهيا آهيون، هاڻ اسان تحريڪ هلائي رهيا آهيون هن وقت اسان ڪنهن سان ڳالهيون نٿا ڪري سگهون.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جمهوري نظام جي ڪاميابي لاءِ ڊائيلاگ جي پالسي به ضروري آهي، اسان پاڪستان ۾ حقيقي جمهورت بحال ڪرڻ چاهيون ٿا.حڪومت کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته استعيفيٰ ڏئي، ٻي صورت ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ اُن جو فائدو حڪومت نه، پر اپوزيشن کي ملندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس حڪومت استعيفيٰ ڏئي ته ڳالهين جو طريقيڪار طئه ٿي سگهي ٿو، ڪٺ پتلي وزيراعظم ۽ اسپيڪر جي موجودگي ۾ ڳالهين جي ڪابه گنجائش نه آهي، لانگ مارچ ۽ استعيفائن واري ائٽم بم کي اهڙي نموني استعمال ڪنداسين، جو ملڪ ۽ ادارن کي نقصان نه ٿئي، پي ڊي ايم استعيفيٰ لاءِ مناسب ڊيدلائين ڏني آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد حل حڪومت جي استعيفيٰ آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران بلاول ڀٽو چيو ته سينيٽ چونڊن بابت فيصلي مان ثابت ٿيو ته حڪومت خوف ۾ مبتلا آهي، عمران خان کي خبر آهي ته سندس ايم پي ايز به گڏ نه آهن، تنهن ڪري سينيٽ ۾ ڌانڌلي ذريعي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري.ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پشاور ۾ اي پي سي سانحي کي 6 سال مڪمل ٿيڻ تي سياستدانن جا پيغام، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سانحي جي ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سانحي قوم جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيو، شهيد ماءُ جي پُٽ جي حيثيت سان اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي والدين سان ٻڌي جو اظهار ڪريان ٿو، دهشتگردن کي ڪمزور ثابت ڪرڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اي پي سي جي معصوم شاگردن جي عظيم قربانين قوم کي متحد ڪيو، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.