وفاقي فيصلو بدنيتي قرار، عسڪري ونگز ۽ رضاڪارن ۾ فرق هوندو آهي: فضل الرحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي يو آءِ سربراهه سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي عسڪري ونگز بابت وفاقي گهرو کاتي جي خط کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي گهرو کاتي طرفان چئني صوبائي گهرو سيڪريٽري کي خط لکي سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي عسڪري ونگز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي هئي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عسڪري ونگز ۽ رضاڪارن ۾ فرق هوندو آهي، انصار الاسلام اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽر ٿيل جي يو آءِ جي دستوري ونگ آهي، ڏنڊي جي ڪابه رجسٽريشن يا لائسنس ناهي هوندو، گهرو کاتي جو خط سياسي دٻاءُ لاءِ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *