لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ڊي ايم وڏا فيصلا ڪرڻ وڃي رهي آهي، 8 ڊسمبر جي اجلاس کانپوءِ آر يا پار ٿيندو.لاهور ۾ ن ليگ جي سوشل ميڊيا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن استعيفائن جو آپشن استعمال ڪيوسين ته ساٿ ڏجو، ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اچجو، جيڪو دٻاءَ ۾ اچي پارٽي جي خلاف ويو، عوام ان جي گهر جو گهيرو ڪندو.هن چيو ته پاڪستاني عوام اها جنگ کٽي چڪو آهي، لاهور ۾ 13 ڊسمبر جي جلسي ۾ فتح جو اعلان باقي آهي، اسيمبلي ميمبر تيار رهن، جيترا به ڪيس ٿين انهن کي ڳچي جا هار ڪري پائي ڇڏيو، خبر پئجي ويندي ته حڪومت ڪيتري ڊنل آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان جو نالو اڄ کان تابعدار خان رکڻ گهرجي، اڄڪلهه چور ۽ ڦورو کي ايماندار ۽ تابعدار چيو ويندو آهي، اهو شخص ايماندار به آهي ۽ تابعدار به، ڪنهن ملڪ جي جيڏي به خدمت ڪئي هجي پر تابعدار ناهي ته اهو فارغ آهي.مريم نواز چيو عمران خان دعويٰ ڪندو هو ته سڄي دنيا ۾ سائي پاسپورٽ جي عزت ٿيندي پر اسان جو ٻاهرين ملڪ اڏامون ئي بند ٿي ويون، ڪير آهي جيڪو وزيراعظم کان انهن دعوائن جو پڇي؟ن ليگ نائب صدر موجب ايل اين جي دير سان درآمد ڪري وزيراعظم جو ڪچن هلائيندڙ دوستن کي فائدو پهچايو ويو، ايل اين جي ان ڪري دير سان گهرائي وئي ته ان جي دوستن جا فرنس آئل پلانٽ آهن.هن چيو جڏهن ماني 30 رپين جي هوندي ته هڪ گهر ڪيئن گذارو ڪندو؟ گئس نه پئي اچي پر بل وڏا اچي رهيا آهن، اڄ دوائون به مهانگيون ٿي ويون آهن پر ڪنهن کي ڪا تڪليف ناهي، ڇو ته شخص تابعدار آهي، هيءَ حڪومت گهر ويندي ته ملڪ هلندو، مهانگائي ختم ٿيندي.