اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مخالفت باوجود وفاق ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري هوڏ تي قائم آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٻيٽن بابت اجلاس ۾ پاڪستان آئيلينڊ ۽ راوي اربن ڊولمپمينٽ اٿارٽيز پاران منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزير اعظم چيو آهي ته سامونڊي پٽي تي شهر اڏڻ سان سياحت ۾ واڌ سان گڏ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، ٻنهي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر ٿيندي.معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر ٿيندي.