فيض احمد فيض جمهور دوست سوچ جو نالو ۽ آمريت جي خلاف اعلان جنگ آهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيض احمد فيض جي ورسي تي پيغام ۾ چيو آهي ته فيض احمد فيض جمهور دوست سوچ جو نالو ۽ آمريت جي خلاف اعلان جنگ آهي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمر ۽ ان جون ڪٺپتيلون اڄ به فيض جي نظريي ۽ فڪر جو نالو وٺڻ کان ڊنل آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيض صاحب سڄي ڄمار استحصال جي هر شڪل جي خلاف وڙهندو رهيو هن پورهيتن جي حقن ۽ برابري تي ٻڌل معاشري لاءِ جدوجهد ڪئي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انهيءَ جدوجهد جي ڏوهه ۾ ان تي غداري جا الزام لڳايا ويا. کيس بند ڪيو ويو ۽ جلاوطن ٿيو هن چيو ته فيض احمد فيض کي غدار قرار ڏيندڙ سوچ اڄ شرمسار آهي يا نه؟ فيض صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهتر طريقو ان جي مشن سان پاڻ کي سلهاڙڻ آهي هن چيو ته پ پ پ گذريل 5 ڏهاڪن کان ملڪ ۾ جمهور جي حقن ۽ حقيقي برابري لاءِ سرگرم عمل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *