راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنر قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته مصر سانهر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان مصر جي سفير طارق محمد ڌاروگ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان مصر سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيندو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان موجب مصر جي سفير طارق محمد علائقائي امن ۽ مضبوطي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.