گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران اسان کي صوبي بدر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: بلاول

سوات (م ڊ) گلگت بلتستان جي عدالت جو فيصلو پسند نه هجڻ باوجود پاڻ کي چونڊ مهم کان الڳ ڪريان ٿو، سموري دُنيا جون نظرون گلگت جي چونڊن تي آهن، چاهيون ٿا ته چونڊون تڪراري نه ٿين، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت خلاف ٿيندڙ سازشن کي بي نقاب ڪيو ويندو، هاڻي به هوش کان ڪم نه ورتو ويو ته صورتحال ڀوائتي ٿي ويندي، گلگت بلتستان ۾ وزيرن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي، هي چاهين ٿا ته ڌانڌلي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪن، سڀني کي خبر آهي ته حڪومت وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، حڪومت عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، وفاقي سرڪار ناڪام ٿي وئي آهي، اسان گلگت جي عوام جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين، گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي برداشت نه ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *